اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان معاشي ترقي، غذائي تحفظ ۽ غرب?? جي خاتمي ۾ مدد مل?? سگهي ٿي، لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، لاڳاپيل ادارا گوشت برآمد ڪندڙن ??ي سهولتون ڏين ۽ انهن جون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو گوش?? جي روانگي واپار ۽ پراسيسنگ بابت ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.