اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي م??ڪن کي دهشتگردي ۽ ا??لامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي م??ڪن تي زور ڏنو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي م??ڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي م??ڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان ج?? نئين پاليسي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪو??شون ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي ڪو??ونا وبا کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پارليامينٽ جي صدر کي ڀارتي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پاليسين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي م??قف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر چيو ته پاڪستان عرب دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي م??ڪن کي درپيش چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪست??ن ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي م??اسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي م??قف جي حمايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي صدر پاڪستان جي حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.