اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ پوليو تي ضابطو آڻڻ لاءِ صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ 22 هائي رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب انهن ضلعن ۾ پنجاب جا 3 ??لع?? (لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد)، سنڌ جا 8 ??لع?? (ڪراچي ڊويزن جا سمورا ??لع?? ۽ قمبر)، خيبرپختونخوا جا 5 ??لع?? (خيبر، بنون، پشاور، لڪي مروت ۽ ڏکڻ وزيرستان)، بلوچستان جا پنج ??لع?? (ڪوئيٽا، پشين، قلعه عبدالله، زوب ۽ مستونگ) ۽ اسلام آباد شامل آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر ??يصل سل??ان?? ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته الله جو شڪر آهي ته گذريل 6 مهينن ۾سڄي ملڪ ۾ پوليو جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، وڌيڪ اها ڳالهه به قابل اطمينان آهي ته 2021ع ۾ صرف 14 سيڪڙو ماحولياتي نمونا مثبت ڏٺا ويا جيڪي گذريل سال 56 سيڪڙو هئا، ان لاءِ في الحال اسان وٽ ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جو هڪ نادر موقعو آهي. ايندڙ 6 کان 12 مهينا ان حوالي سان انتهائي اهم آهن، وزيراعظم سمورن هاءِ رسڪ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو ان موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ پاڪستان کي پوليو ??ي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي وائرس کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏنو وڃي.