اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن ??ي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صد?? چيو ته پا??ست??ن افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پا??ست??ن دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پا??ست??ن افغان پناهگيرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئ??ڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ پا??ست??ن جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پا??ست??ن پاران فراهم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پا??ست??ن جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پا??ست??ن جي ڪردار کي ساراهيو.