اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وا??ي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪست??ن انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي و??ير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏيهي و??ير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪست??ن انڊونيشيا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏيهي و??ير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي و??ير ش??هه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.