اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ک?? و??جائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻ?? و??پاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا ج?? و??پار وار?? و??ير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياست?? و??ير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سان گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ک?? و??جائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪند?? و??يراعظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪستان جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ ت?? و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انسان?? و??يلن جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيتن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي من??قل?? ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.