اس??ام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽي??س ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽي??س جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ٽي??نالاجي جي استعمال سان اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽي??س محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ ايف بي آر، وفاقي ٽي??س محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽي??س ڏيندڙن جي سهولت، وسيلن جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وفاقي ٽي??س محتسب شڪايت ڪندڙن کي گذريل سال 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، وفاقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ غيرضروير ??ير سان ٽي??س ڏيندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽي??س عملدارن جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽي??س محتسب سان رجوع ڪري، جديد ٽي??نالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽي??انلاجي جي مدد سان فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خوري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سان ٽي??س ڏيندرن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽي??س ادارن، وفاقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽي??س ڏيندڙن جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. صدر چيو ته وفاقي ٽي??س محتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏين جي ضرورت آهي، ٽي??س ڏيندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽي??س محتسب جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ٽي??نالاجي سان اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ٽي??نالاجي سان ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ٽي??نالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ ٽي??نالاجي سان مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سان انصاف جو اصول متاثر ??ئي ٿو جڏهن ته غيرضروري ??ير به ڪجهه وقتن تيڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽي??س فائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽي??س محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽي??س محتسب ٽي??س عملدارن جي ناانصافي ۽ بدانتظامين جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ٽي??نالاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سالن ۾ ٽي??س محتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر سيمينار ۾ وفاقي ٽي??س محتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.