ميانوالي – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماڊل پوليس اسٽيشن پوري پنجاب لاءِ مثال هوندي، اسان کي پنجاب ۾ ٿاڻي ڪلچر کي تب??يل ??رڻو آهي ان لاءِ آءِ جي پنجاب کي وفاقي حڪومت طرفان هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، انگريز دور جو نظام تب??يل ??رڻو آهي، ماضي ۾ ٿاڻي ڪچهري کي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪيو ويندو رهيو، اسان پنج??ب پوليس کي خيبرپختونخوا وانگر بڻائينداسين ته جيئن ماڻهو ان تي ??عت??اد ڪري سگهن، ميانوالي ۾ ماڊل پوليس اسٽيشن جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ان ماڊل پوليس اسٽيشن جي قيام تي هو پوليس کاتي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.