اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) بحري معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي سنڌ حڪومت طرفان عذير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽس ۾ ڦيرڦار تي چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سياست ٿيندي آهي، جڏهن ته هتي رائيٽ ۽ رانگ جي سياست ٿي رهي ??هي. هن چيو ته مون جي آءِ ٽي رپورٽس منظر عام تي آڻڻ جي لاءِ ڊگهي ??دوجهد ڪئي آهي، هاڻي سنڌ حڪومت الله الله ڪري اهي ??پورٽون پبلڪ ڪيون آهن، هن چيو ته جوابدار جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ 158 قتل جو پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ رليز ڪئي آهي ??ها اڌوري آهي، جي آءِ ٽي ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا هئا ان ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن جي چوڻ تي اهو سڀ ڪيو ۽ ان جو ڪنهن کي فائدو ٿيو.