اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي م??ئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊ?? گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان ج?? خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي م??املي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪرا??ي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن ج?? ذميدارن ج?? خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن ج?? ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي م??املي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊ?? گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.