اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏ?? ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏ?? ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، معدنيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ ت??ام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.