اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان امير ملڪن کان غيرقانوني طور منتقل ٿيل ۽ ڦريل دولت فوري طور تي وا??س ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي چوري ٿيل سندن دولت وا??س ڪئي وڃي، مني لانڊرنگ ۽ دولت جي چوري سا?? اسرندڙ ملڪن ۾ غربت وڌي رهي آهي، اها رقم بدعنوان اشرافيه هڙپ ڪري وڃي ٿي، ڪجهه مصلحتن جي ڪري امير ملڪ ڏوهاري سرگرمين جي خاتمي ??اء?? سياسي ارادي جي قوت کان عاري آهن، ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته امير ۽ غريب قومن جي وچ ۾ اڻ برابري وڌندي، دنيا ۾ عالمي بحران پيدا ٿيندو، مني لانڊرنگ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي خاتمي ??اء?? ڪوششون ورتيون وڃن، ڀارت پاڪستان تي جيڪڏهن ڪا جارحيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو ڀرپو?? جواب ڏنو ويندو، اسان ڀارت جي مسلسل جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ اشتعال انگيزي جي باوجود صب?? جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪشمير کي صحيح طور تي نيوڪليئر فليش پوائنٽ چيو وڃي ٿو، اسان تنقيد جي باوجود ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي ۽ ان جا لاڀائتا نتيجا مليا آهن، اسان غريب عوام سميت پنهنجي معيشت کي وڏي نقصان کان بچايو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته مون کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر خطاب ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.