اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي ??رز??ين آهي. سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جي لاءِ هتي ضرور اچن. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ??اڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي ??رز??ين آهي. ڪوهه هماليه، ڪوهه قراقرم ۽ هندوڪش پهاڙي سلسلو وڻندڙ خوبصورتي جو عڪاس آهي. هن چيو ته ??انگا پربت ۽ ڪي ٽو جي پهاڙين جي دلڪشي پنهنجو مثال پاڻ آهي.