اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ترقي صنعتي عمل جي فروغ سان واڳيل آهي، م??اشي حالتن ۽ خاص طور تي ڪورونا جي ڪري ٿيندڙ نقصانن سان صنعتي شعبي ۽ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين صنعت کي بچائڻ جي لاءِ ضرو??ي آهي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي ??نيادن تي حل ڳوليو وڃي. هو صنعتي عمل جي فروغ خاص طور تي ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي درپيش مسئلن ۽ ا??هن جي حل جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.