اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو اقتدار سنهري دور هو پر افسوس ته نوجوان نسل کي ان جي باري ۾ خبر ن??هي?? ڪوشش ڪئي وڃي ته ان سنهري دور تي فلم ۽ ڊرامو ٺاهي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي، پاڪستاني ڊراما 80ع جي ڏهاڪي تائين پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري کي ??قا??ي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اولهه ک??ن متاثر نوجوان نسل کي پنهنجي ??صل ثقافت کان آگاهي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمال تيڪدين جي قيادت ۾ مشهور ترڪ ڊراما سيريل ارتغرل جي باني ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ??لاقات ڪئي.