اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪي?? ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ا??ان ??ي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪي?? آهي، توهان ??ي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. ا??ان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪي?? آهي، ا??ان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون ا??ان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو ا??ان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.