اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اع??يٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي وسيلو آهي، صوبن جي مشاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اع??يٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمو?? ۽ ??زيراعظم ٽاسڪ فورس براءِ سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي وقتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان اجلاس کي اع??يٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ ايڇ اي سي کي گهربل وسيلن ۽ ٽ??ڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.