اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمرا?? خان پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پاڪستان جي عوام کيس ووٽ ڏنو ۽ ان جي پرستار آهي?? ايندڙ عام چونڊن ۾ به وزيراعظم عمرا?? خان ڪاميابي حاصل ڪندو، چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪووڊ – 19 بحران جي باوجود ملڪ جي واڌ جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي، تقريبن 1100 ارب روپيا اربن اڪانومي کان هلندڙ اڪانومي ۾ منتقل ٿي، هن سال چار بمپر فصل ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، عمرا?? خان گذريل عام چونڊن ۾ لکين ووٽ حاصل ڪيا، هو هڪ ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اجتماعي فيصلا ڪندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جو رد عمل پوري دنيا ۾ سڀ کان بهتر رهيو آهي، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ريمارڪس جو حوال?? ڏنو ته ”وبا بابت پاڪستان دنيا جي لاءِ مثال قائم ڪيو، پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن جي ??قا??لي ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو“ هن چيو ته اهي لفظ ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اظهار ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ 5.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، عوام کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جي صف اول جي 34 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن انداز سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان ويڪسينيشن جي هدفن کي جلد حاصل ڪري وٺ??داسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪاميابي جزوي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي آهي جنهن بهتر طريقي سان ڪم ڪيو، پاڪستان ۾ خطي جي ڪنهن حي ملڪ جي ??قا??لي ۾ صورتحال ڪافي بهتر آهي.