اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، مخالف ڌر قومي ايشوز بدران ذاتي مفادن کي ??رجيح ڏئي رهي آهي، مخالف ڌر سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهي آهي، مخالف ڌر جو مقصد ڦريل دولت کي ??چائڻ آهي، جيڪڏهن اسان ان معاملي کي ڇڏي ڏيون ته هي سياست تان ئي رٽائر ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، سمنڊ اپر پاڪستاني اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پوليو جي خلاف جنگ م اسان کي ??مام وڏي ڪاميابي ملي آهي، گذريل 7 مهينن دوران رڳو هڪ پوليو جو ڪيس رڪارڊ ٿيو، گريڊ هڪ کان 22 گريڊ جي ملازمن جي هائوس رينٽ سيلنگ ۾ 44 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، ازبڪستان کي ??زنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي مواد اپ لوڊ ڪندڙن جي خلاف قانونسازي ڪري رهيا آهيون، سئنيما جي سعبي جي ترقي لاءِ علائقائي ملڪن سان فلمن جي نمائش جي اجازت ڏني پئي وڃي، ستين آدمشماري 18 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، ان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو، ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ سان رڳو پي ٽي وي کي ڪروڙين جو نقصان ٿيو، هائبرڊ وار ۽ فيڪ نيوز هڪ ٻئي سان واڳيل آهن، قوم ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن اسان Absolutely Not چونداسين ته ان جي قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ??ريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوليو جي خلاف جنگ ۾ اسان تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، گذريل 7 مهينن کان پوليو جو رڳو هڪ ڪيس رڪارڊ ٿيو جيڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ ترين سطح آهي، ڪابينا ان حوالي سان صحت واري وزارت جي قدمن کي ??اراهيو آهي. هن چيو ته پوليو فري ملڪ جو اسٽيٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن تائين پوليو فري رهڻ ضروري هوندو آهي، اسان کي ??ميد آهي ته پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ڪوششون جاري رهنديون ۽ اسان پوليو فري ملڪ طور سامهون اچي سگهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته ڪابينا خوراڪ بابت عالمي پروگرام (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي درخواست تي سعودي عرب مان موڪليل شپمنٽ جي ريليز جي حوالي سان امپورٽ پاليسي آرڊر جي قاعدن ۾ هڪ ڀيري جي رعايت ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته وفاقي ڪابينا وڏن شهرن ۾ گهرن جي موجوده ڪراين کي نظر ۾ رکندي وفاقي ملازمن کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن جي هائوس رينٽ ۾ موجوده سيلنگ ۾ 44 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني. هن ب??اي?? ته هر ٽن سالن کانپوءِ ملازمن جي هائوس رينٽ تي نظرثاني ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي مارڪيٽ پرائس سان ڳنڍيو وڃي ٿو. هن ٻ??اي?? ته وفاقي ڪابينا نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي جي مالي سال 21 – 2020ع جي اڪائونٽس جي آڊٽ جي لاءِ ميسرز ڪي پي ايم جي تاثير هادي اينڊ ڪو جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ ٻ??اي?? ته ڪابينا ازبڪستان سان لاڳاپن خاص طور تي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروباري برادري کي ??هولت ڏيڻ جي لاءِ ازبڪستان کي ??زنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. موجوده قانونن موجب بزنس ويزا لسٽ ۾ موجود ملڪن کي پاڪستاني سفارتخانن پاران 24 ڪلاڪن ۾ 5 سالن جي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا فراهم ڪئي وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته ان لسٽ ۾ ازبڪستان نئون اضافو آهي. هن ٻ??اي?? ته اسان گوادر ۽ ڪراچي کي مزار شريف ۽ پوءِ تاشقند سان ريل ذريعي ڳنڍڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا جو غ??ط استعمال ڪندڙ ڪمپنيز کي ??لاڪ ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳي مواد کي فوري طور تي هٽائڻ جي حوالي سان فيصلو وفاقي ڪابينا ڏانهن ريفر ڪيو هو، ان تي وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا جو غ??ط استعمال ڪندڙ ڪمپني کي ??لاڪ ڪرڻ ۽ اعتراض جوڳي مواد کي فوري طور تي هٽائڻ جي حوالي سان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي کي پاليسي ڊائريڪٽو ڏنا. هن ٻ??اي?? ته سوشل ميڊيا جي حوالي سان اسان به رخي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيا آهيون. اسان انهن ڪمپنين کي پڪڙ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جيڪي پورنوگرافي خاص طور تي ٻارن جي حوالي سان معاملن کي ??لاڪ ڪرڻ ۾ دير ڪن ٿيون. ان تي پي ٽي اي ڪم ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ٻن ماڻهن جيڪي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهين ٿا، انهن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ پيڪا لاء ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان پي ايم ڊي اي ۾ به سوشل ميڊيا رولز تجويز ڪيا هئا. هن چيو ته اهو تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، انهن قانون کي نئين سر آندو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ملڪ ۾ سئنيما ۽ فلم انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ علائقائي ملڪن مان فلمن جي درآمد ۽ انهن کي ??ئنيما ۾ ڏيکارڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اين سي او سي سان سئنيما کي کولڻ جي لاءِ ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ۾ سئنيمائون فوري طور تي کوليون وڃن ۽ ان ۾ پنجابي فلمون، ڪئنيڊين، ترڪيءَ ۽ ايران جون فلمون ڏيکاريون وڃن، ان سان سئنيما جي ڪاروبار کي ??هارو ملندو. ان کانسواءِ به اسان مراعتون ڏينداسين جن ۾ سئنيما جي لاءِ بجلي تي سبسڊي پڻ شامل آهي. ٽيڪسن ۾ ريليف اڳ ۾ ئي فراهم ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته ڪابينا ڄمون اينڊ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي جي مالي سال 22 – 2021ع جي بجيٽ (جنهن جو ڪاٿو 190.383 ملين رپيا آهي) کي منظور ڪيو آهي. هن ٻ??اي?? ته وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن سينٽر قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت اسلام آباد م اي ڊي آر سينٽرز جوڙيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ فيملي ايشوز کي ڪورٽ بدران انهن سينٽرز ۾ آندو ويندو ته جيئن ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙن معاملن کي ??ل ڪري سگهجي. هن ٻ??اي?? ته آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ان جي ماڊرن شڪل ۽ رولز آيا آهن، آمريڪا ۾ 75 سيڪڙو ۽ برطانيا ۾ 80 سيڪڙو ان کي ڪاميابي ملي آهي. اهڙي قسم جا ڪيس حل ٿيڻ سان عدالتن ۾ بار گهٽ ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته ڪابينا ملڪ ۾ پوليو جي تدارڪ جي لاءِ نوول اورل پوليو ويڪسين ٽائپ ٽو (nOPV2) جي استمال جي اجازت ڏني آهي. هن وڌيڪ ٻ??اي?? ته گذريل 7 مهينن دوران ملڪ ۾ پوليو جو هڪ رڳو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، پوليو جي خلاف اها وڏي ڪاميابي آهي. هن ٻ??اي?? ته ڪابينا عاصم رئوف کي ٽن مهينن جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته ملڪ ۾ اڳئين (ستين) آدمشماري ڪرائڻ جي حوالي سان ايڊوائيزري ڪميٽي جون سفارشون ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون. هن ٻ??اي?? ته ستين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري جو مرحلو هلي رهيو آهي. ان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجي کي ??ستعمال ڪيو ويندو، آدمشماري جو عمل 540 ڏينهن يا 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. ان تي ڪجهه تفصيل گهربل هئا، وزيراعظم هڪ اسپيشل ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا رهجي ويل گهرجن کي ڏسندي. هن چيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته ايندڙ اليڪشن نئين آدمشماري ۽ نئين تڪ بندين تحت ٿيڻي اهي. ڪيترن ئي ماڻهن کي مايوسي ٿيندي جن کي لڳندو هو ته ايندڙ اليڪشن هن سال يا 6 مهينن کانپوءِ ٿي ويندي. هن چيو ته اهو ليگل پراسيس آهي، ان کي ??اري رهڻو آهي. اليڪشن کان اڳ چونڊ سڌارا آڻڻا پوندا، ان جي لاءِ هڪ طريقيڪار آهي، اسان مخالف ڌر چئون ٿا ته اها اچي ويهه ۽ ان تي ڳالهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته سروسز ٽربيونل جي نجڪاري بابت سينيٽ جي ايڊوائيزري ڪميٽي جي ايڊوائس هئي ته ان جي قيمت گهٽ ملي آهي، ان معاملي کي ٻيهر ڪابينا جي پرائيويٽايزيشن ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي، ان ڳالهه تي تڪرار هو ته وڪرو ڪيل هائيٽ 245 فوٽ آهي، پاليسي موجب اهو چيو پئي ويو ته اها هائيٽ 500 فوٽ تائين وڃي سگهي ٿي، ان ۾ واضح نه هو ته اها 245 فوٽ تائين وڃي سگهي ٿي يا 500 فوٽ تائين، ٻوليءَ 245 فوٽ تائين لڳي آهي، ان معاملي کي ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ٻيهر ڏسندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته وفاقي ڪابينا اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ميمبرن جي مفادن جي ٽڪراءُ جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو ويندو ته اهي اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ اهڙن ميمبرن کي ??امل ڪن جن جو مفادن جو ٽڪراءُ نه هجي. هن چيو ته ڪيترائي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر اهڙين ڪميٽين ۾ شامل ٿين ٿا جتي انهن جو مفاد هوندو آهي. وزيراعظم چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اهڙن ميمبرن کي پاڻ جدا ٿيڻ جو چئي ڇڏين ڇو ته اهو غيراخلاقي آهي، جيڪڏهن اهي جدا نه ٿا ٿين ته ان تي قانونسازي ڪرڻي پوندي. اي وي ايم جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي وي ايم بابت اهي ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا آهن جن کي ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ نه آهي، دنيا ان ٽيڪنالاجي کان تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي، اسٽونيا ۾ چونڊون هاڻي انٽرنيٽ تي ٿي رهيون آ??ن. ??يوزيلينڊ ۽ انگيلنڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دوري جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان بابت گهرو وزير سان گڏجي ميڊيا کي ??قيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو ته ڪهڙي طرح فيڪ نيوز ۽ هائبرڊ وار اهڙي قسم جي معاملن سان ڳنڍيل آ??ن. ??ن چيو ته رڳو پي ٽي وي کي 20 کان 25 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي، اسان پنهنجي وڪيلن سان به ڳالهه ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح ان معاملي کي ??دالت ۾ کڻي وڃي سگهجي ٿو. هن چيو ته قوم ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن اسان Absolutely Not چونداسين ته ان جي قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چنوڊ سڌارن تي اسان مخالف ڌر کي چئون ٿا ته اها اچي ويهه ۽ ڳالهه ڪري، جڏهن اسان سڌارن طرف وڃون ٿا ۽ مخالف ڌر کي گهرايون ٿا ته اهي نه ٿا اچن، اسپيڪر صاحب پاران انهن کي ??ط به لکيا ويا پر انهن جي ليڊرشپ پاران هڪ ئي ڳالهه اچي ٿي ته اسان جي ڪيسز جي ڳالهه ڪريو. جيڪڏهن مخالف ڌر کي ??ڪومت جا سڌارا پسند نه آهن ته اهي پنهنجا سڌارا آڻين. هن چيو ته ڪا به حڪومت اقتدار ۾ رهندي سڌارن جي ڳالهه ناهي ڪندي، هي واحد عمران خان آهي جيڪو سڌارن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته مخالف ڌر جو مقصد رڳو ڦريل دولت کي ??چائڻ آهي جيڪا انهن هنڊي ۽ حوالي ذريعي ٻاهر موڪلي. جيڪڏهن اسان ان معاملي کي ڇڏي ڏيون ته هي سياست تان ئي رٽائرڊ ٿي ويندا، انهن جي سياست رڳو پنهنجو پئسو بچائڻ جي لاءِ آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مهانگائي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٿي آهي. هن وقت ملڪ ۾ تيل جون قيمتون تيل درآمد ڪندڙ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آ??ن. ??اڪستان ۾ گئس جي قيمت به گهٽ آهي، قطر جهڙو ملڪ جيڪو گئس ۾ پاڻڀرو آهي، ان جي مقابلي ۾ به گئس جي قيمت پاڪستان ۾ گهٽ آهي، اسان گئس درآمد ڪري گهٽ قيمت تي فراهم ڪري رهيا آهيون. حڪومت غريب ماڻهو کي ??حساس پروگرام تحت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، سبسڊي جا وڏا پروگرام غريب ماڻهن جي لاءِ آندا پيا وڃن. هن ٻ??اي?? ته تاجڪستان ۾ کنڊ جي قيمت پاڪستان جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. هن چيو ته مهانگائي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن ٻ??اي?? ته هن وقت 60 سيڪڙو آبادي زرعي شعبي سان واڳيل آهي، 70 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته 30 سيڪڙو پگهاردار طبقو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پگهاردار طبقي ۽ ميڊيا جي ماڻهن جون پگهارون نه وڌيون، انهن کي مسئلا درپيش آهن، انهن جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻ??اي?? ته زرعي شعبي ۾ ڪپهه جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪپهه جي پيداوار ۾ 160 سيڪڙو اضافو نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڀاڄين جي درآمد جي معاملن کي ??ه ڏٺو پيو وڃي. ميڊيا اونرز کي ??ه درخواست آهي ته اهي ميڊيا ورڪرز جون پگهارون وڌائين ته جيئن انهن کي ??ه لڳي ته آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي.