اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ڪيسن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي، ثبوت آهن ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏي، جائيدادون ??يلام ڪيون ??يون ??ڃن جنهن جو روئڻو پٽڻو آهي، ليگي اڳواڻن کي سزائون ??يرٽ تي ٿيون، مريم نواز کان حساب گهرو ته نيب تي حملا آور ٿيندي آهي، ن??از شريف اثاثن جو حساب ڏيڻ بدران ملڪ مان فرار ٿي ويو. هو ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٿيندڙ سزائن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، اڄ وري هن وڪيل کي تبديل ڪيو، جولاءِ 2018ع کان اپيلون ??ڌڻي هيٺ آهن، هتي ا??هن جو چوڻ گهرجي ته اپيلن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿئي، هڪ درجن کان وڌيڪ التوا وٺي چڪا آهن، پنهنجي پٽيشن تي دليل ڏيڻ بدران وڪيل بيمار يا ڪڏهن ڪورونا ٿي ويندو آهي، عدالت به چئي ڇڏيو ته دير جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن، هن چيو ته جنهن جي خلاف فيصلو اچي ته اپيل ۾ وڃي چوندو آهي ته فوري فيصلو ڪرايو وڃي، هتي ڪم مختلف آهي، کين خبر آهي ته کين سزائون چوري، ڪرپشن تي ٿيون آهن، عدالت کي مطئمن ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، هن چيو ته نواز شريف تي پهرين ڀڳوڙو بڻجي ٻاهر وڃي چڪو آهي، ن??از شريف کان ڪرپشن تي رڪوري ٿيڻ وڃي رهي آهي، سندس جائيدادون ??يلام ٿيڻ وڃي رهيون آهن، ان تي ا??هن جي پيٽ ۾سور آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي تشخص ۽ سالميت جو به خيال ناهن ڪندا، پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن، هن چيو ته ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ تي مريم صفدر جي ٽوئيٽر تان ڪو ٽوئيٽ نه آيو. هن چيو ته اڄ کيس اليڪش?? ڪميشن جي ياد اچي رهي آهي، 6 مهينا پهرين مريم صفدر اليڪش?? ڪميشن جي ٻاهران بيهي ڌمڪيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ تي حملا، فون تي ججن کي فيصلا لکرائڻ وارا اهي ماڻهو آهن، هي ا??ي ماڻهو آهن جيڪي ا??ت??ار هجي ته پاڪستان جي ا??در ۽ اقت??ار نه هجي ته ٻاهر هوندا آهن. مريم جو نالو اي سي ا??ل ۾ نه هجي ها ته هو اڄ پاڪستان ۾ نه هجي ها، هن چيو ته ادارن کي توهين انهن جي عادت آهي، توهان جيڪو ادارن جو احترام ڪريو ٿا اهو به اسان جي سامهون آهي، هن چيو ته جتي جمهوريت هوندي آهي اتي احتساب ۽ اختيار تي ڪڙو احتساب به ٿيندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪٿي ا??ت??ار ۾ اچو، لُٽ مار ڪريو، مال ٺاهيو، ڪير پڇي ته انتقامي ڪارروائي جو چئو.