لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف ڪامنز جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽين ??ي سربراهن لنڊن ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي هائوس آف ڪامنز پرڏيهي معاملن بابت سليڪٽ ڪميٽي جو سربراهه ٽام ٽگن ڊاٽ ۽ ڊفينس ڪميٽي جو سربراهه ٽوبياس ايلووڊ ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي افغان??تا?? جي اڀرندڙ صورتحال بابت پاڪ??تا?? جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته افغان??تا?? جي حوالي سان پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي سوچ ۾ هم آهنگي آهي، ٻئي ملڪ افغان??تا?? ۾ امن قائم ڪرڻ چاهين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان??تا?? کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ عالمي برادري کي افغانين کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته افغان??تا?? ۾ عدم استحڪام سان افغان پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا ڪَر کڻندا. پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽرينز کي ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن، بدترين گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان ڀارتي قابض فوج جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارتي آفيسرن جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اسان آٺوس ثبوت دنيا آڏو رکي ڇڏيا آهن ته جيئن اها پاڻ انهن حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهي. ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وجهندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? ۽ برطانيا ويجها دوست ۽ پراڻا حصيدار آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ برطانيا اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي و??اي?? وڃي ۽ لاڳاپن کي اڳئين ??رجي تائين و??اي?? و??ي. ??رڏيهي وزير پاڪ??تا?? ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مست??ڪم ۽ فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪ??تا??ي ڄائي برطانوي شهرين ??ي خدمتن کي بهتر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.