اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي فوجي قبضي جي خلاف ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن کي لتاڙيندي طاقت جي زور تي ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هو والا??يل علائقي ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري ??هيو آهي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري ??وام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وفاقي ??اد?? واري ??هر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي والا??يل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسواءِ ريڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ خصوصي پروگرامز ن??ر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسواءِ چئني صوبائي ??اد?? وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري ??ڳواڻ، ناليوارين شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي نمائندن کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي والا??يل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج پاران ڪشميري ??وام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميري ??وام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ والا??يل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن جي عڪاس تصويرن تي ٻڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪاري ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليوارين شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي قابض ڀارتي فوج ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ۽ ڪشميري ??وام کي محڪوم بڻائڻ جي لاءِ سمورن قانونن ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري ??وام جي خودمختياري ??ي حق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي والا??يل ڪشمير جي تڪراري ??لائقي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي والا??يل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري ??ور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني قدم واپس وٺي.