اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي مشاورتي ??مل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پن??نجي عهدي جي چارج سنڀاليندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اها ملاقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبديلي جي وقت ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جي چونڊ بابت وزيراع??م ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري مشاورتي ??مل جو حصو هئي. ان ??مل دوران دفاع واري وزارت کان آفيسرن جي هڪ فهرست ملي. وزيراعظم سمورن نامزد آفيسرن جو انٽر??يو ڪيو. وزيراع??م ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ مشاورت جو حتمي دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي مشاورتي ??مل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پن??نجي عهدي جي چارج سنڀاليندو.