اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته انشاءَ الله اڄ پا??لي??مينٽ ۾ تحريڪ انصاف سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي سهولت جو قانون پاس ڪري هڪ ٻيو چونڊ واعدو پورو ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو قانون پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??نگ ميل ثابت ٿيندو.