ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي مختلف فلاحي تنظيمن جي سماجي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضرورتمندن جي ڀلائي لاءِ جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. اها ڳالهه هن جي ڊي سي جي وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد جي سربراهي جي ڊي سي جو سربراهه ظفر عباس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي غيرسرڪاري تنظيم پاران جاري سماجي ڀلائي جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ظفر عباس صدر کي جي ڊي سي فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ 50 ڊائيلاسز سينٽرز کولڻ، راشن جي فراهمي، خوراڪ جي مرڪزن ۽ ٻين مصنوبن بابت بريفنگ ڏني. وفد سان ڳالهائيندي صدر حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن بشمول آس??ن قرض، فني تربيتي پروگرام ۽ ماءُ جي لاءِ غذائي ام??اد مان فائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بئنڪون صنعتڪارن کي آس??ن قرض فراهم ڪرڻ کانسواءِ غريبن کي پڻ گهٽ کان گهٽ وياج جي شرح تي آس??ن قرض فراهم ڪن. هن نجي شعبي تي زور ڏنو ته اهو بيروزگار تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچي. بعد ۾ جي ڊي سي جي سربراهه صدر کي شيلڊ پڻ پيش ڪئي.