اسلام آباد – 17 جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينئر اداڪار رشيد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ۽ اردو زبان ج?? پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽيون. ??نه??جي بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿيندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي ??نه??جي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.