اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ملڪ ۾ آبادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي، اسان جي حڪومت کي چار بحران ورثي ۾ مليا هئا، اسان انهن مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏنو، هاڻي مهانگائي کي به منهن ڏينداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اوڳ??ڙي?? ۾ اضافي سان گڏوگڏ انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪنداسين، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو، اسان انهي رستي تي ڪاربند آهيون، ڪورونا جي پنجين لهر دوران ڪاروبار مڪمل بند نه ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وزيراعظم چي?? ته مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ پئي چاهيا پر اتي اي?? آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا ۽ مون کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿا ڏين. هن چي?? ته مون هڪ اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو جنهن تي چي?? ويو ته هي مذهب جي پٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي الله سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير سڃاڻيندو به نه هو، 25 سال اڳ آئون اسلامي فلاحي رياست جي منشور سان گڏ سياست ۾ آيس، مون ڪڏهن به نه چي?? ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائيندس. هن چي?? ته جيستائين هن ملڪ کي ٺاهڻ جي مقصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چي?? ته هن ملڪ ۾ سٺا ص??اف?? به آهن پر ڪجهه ص??اف?? عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو اهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري سڄو دٻاءُ رپئي جي قدر تي پيو، ٻيو مسئلو ڪورونا جي ڪري شين جي سپلائي ۾ کوٽ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ان سان پاڪستان اڪيلو متاثر نه ٿيو، دنيا جا ترقي يافته ملڪ به ان کان متاثر ٿيا، ڪورونا صديءَ جي سڀ کان وڏي وبا هئي، اسان جي قدمن کي دنيا جي ٽن ڪامياب ملڪن جي سرفهرست ۾ رکيو ويو آهي. هن چي?? ته ڪورونا جي پنجين لهر مان به ڪاميابي سان نڪرنداسين. صدارتي نظام جي حوالي سان هن چي?? ته مون شروع ۾ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چي?? هو ته هن ملڪ جي وڏن ڌ??ڙي??ن سان ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه نه ڪندس، آئون انهي مافيا جي خلاف سياست ۾ آيس، جنهن کي اي?? آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي. هن چي?? ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ آبادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ غ??بت ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان به پوري دنيا جو حصو آهيون، پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي، حڪومت انهن جي مدد ڪندي.