لاهور – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شر??ت ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي سول انتظاميا ۽ امن امان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قد?? کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ ما?? ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضي ما??يا جي خلاف پڻ موثر قد?? کڻڻ جي هدايت ڪئي.