اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿي??ر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ?? الحمرا ۾ پيش ٿي??. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الل?? تعاليٰ مرحوم کي ??نت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي ??بر جميل عطا فرمائي.