اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته من??نج?? انٽرويو کي هڪ اخبار ٽوڙي مر??ڙي پيش ڪيو، اسان سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، غلط رپورٽنگ پن??نج?? ئي اداري جي ساک کي متاثر ڪري ٿي، ذميداراڻي رپورٽنگ هئڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات تي سوالن وارو وقفو شروع ٿيڻ کان اڳ اسپيڪر چيو ته مان سليم صافي کي پروگرام جرڳه ۾ انٽرويو ڏنو، من??نج?? ڳالهه کي ناليواري روزاني اخبار ٽوڙي مر??ڙي پيش ڪيو، اسان عدالتن جي فيصلن تي ڪڏهن ڪنهن کي نوٽيفاءِ نٿا ڪريون پر ا??يڪ??ن ڪميشن، چونڊن کان پوءِ ميمبرن جو نوٽيفڪيشن ڪڍي ٿي ۽ ضمني چونڊن ۾ پڻ ائين ئي ٿئي ٿو، نوٽيفاءِ ٿيلن کان ايوان ۾ حلف ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سمورن اشوز تي عدالت هميشه ا??يڪ??ن ڪميش آف پاڪستان کي لِکندي آهي، ا??يڪ??ن ڪميشن ان تي نوٽيفاءِ ڪندي آهي ته پوءِ اسان جي ذميداري بڻجي ٿي ته اسان کي ڪهڙو ايڪشن کڻڻو آهي. هن چيو ته پن??نج?? ان انٽرويو ۾، مون جي يو آءِ (ف) جي هڪ عورت ميمبر جو مثال ڏنو ته هوءَ 07 ڏينهن مون وٽ ايندي رهي ته حلف کڻڻ ڏيو، مون اهو ئي چيو ته ا??يڪ??ن ڪميشن آف پاڪستان کان نوٽيفاءِ ڪرائي وٺو. هن چيو ته سمورن ججن جو احترام ڪريون ٿا، اهڙيءَ طرح جي غلط رپورٽنگ اداري جي ساک کي متاثر ڪندي آهي، صهافين کي ذميداراڻي صحافت ڪرڻ گهرجي.