اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپش?? جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پنهنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪ?? ۾ ??نهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پهريون ڀيرو عمران خا?? جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پهرين 15 مهين?? ۾ ??عاشي طور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بي??ار?? معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان سال عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو