اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ عورت اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عورت اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي ايوان ما?? بجيٽ بل جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. عورت ميمبرن وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت ۾ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ڪرپشن جي خلاف م??م جي حوالي سان پنهنجي ڀرپور حم??يت کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته عورت ميمبرن جو قانونسازي ۾ اهم ڪردار آهي.