اسلام آباد – 04 آگسٽ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سي??يٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سي??يٽ جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي ??بض?? هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي ??بض?? هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. سي??يٽ جو ??هو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سي??يٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. ??هو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لاءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.