اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سد??ئي?? وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آهن، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ ف??وغ ڏيڻ ل??ءِ پرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي عو??م خادمين الحرمين الشريفين جو بي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ آهي.