اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿي آهي ۽ ٿيندي ۽ ان جا ذميدار اڳوڻن دورن ۾ ٿيندڙ آءِ پي پيز جا مهانگا معاهدا آهن، شهباز شريف اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن جهڙوڪ هو ڪنهن ٻي ملڪ مان آيل هجي، مخالف ڌر اهڙو ڪو دليل پيش نه ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي س??هج?? ته هي اهل مخالف ڌر آهي ۽ شين جو گهرائي سان جائزو وٺندي آهي، سموريون ڳالهيون کوکلي ۽ فقط لفظن جي راند هيون، پريس ڪانفرنس ۾ جن مسئلن جو ذڪر ڪيو اهي انهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، عام چونڊن ۾ عوام کين رد ڪري چڪي آهي، ان جو صرف هڪ ئي ايجنڊا هئي جيترو مال بڻائي سگهو ٿا بڻايو، ان مقصد لاءِ هن هر اداري کي ڪمزور ڪيو ۽ مني لانڊرنگ لاءِ مددگار ماڻهو انهن ادارن ۾ و??هاريا، اشرافيا جو طعنو ڏيندڙ جي پريس ڪانفرنس پاڻ اشرافيه جي نمائندگي هئي، اسا?? خيبرپختونخوا ۾ يونيورسل صحت بيمه پروگرام متعارف ڪرائي چڪا آهيون، پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻن سالن جي دوران تقريبن 10 ارب ڊالر جا قرض واپس ڪيا، ن ليگ جي دور ۾ عالمي ادارن پا??ست??ني معيشت کي ڊائون گريڊ ڪيو جنهن کي اسان مثبت طرف وٺي آيا آهيون، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين جي ڪري اسان کي معاشي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان جي دور ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو جيڪو هاڻي مستحڪم آهي، اهڙ?? خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.