اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ٻن??ي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هل??دي، قوم جو مال ته واپس ڪرڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته عمران خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز شريف کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي ج?? نمائندو آ??ي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.