اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي عالمي حيثيت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ذ??يداري آهي ته هو ڀارت کي پ??هن??ون عالمي ذميداريون پوريون ڪرڻ جو پابند بڻائين، پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته ڀارت کي خطي ۾ عدم استحڪام جي لاءِ رياستي دهشتگردي جي استعمال کان روڪيو وڃي، جڏهن ته ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، پاڪستان ڪشميري عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو ۽ انهن جي جائز خودمختياري واري حق کي حاصل ٿيڻ تائين هر ممڪن حمايت جاري رکندو. يوم سياهه ڪشمير جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان اهو ڏينهن ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي مذمت ۽ ڪشميري عوام جي لاءِ پ??هن??ي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي طور تي ملهائي رهيا آهيون.