اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج تحت انهن کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته پهرين نومبر کان ننڍن ?? وچولي درجي جي صنعتن کي اضافي بجلي تي 50 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن کي 25 سيڪڙو رعايتي ملندي، ماضي ۾ مهانگي بجلي ٺاهڻ جا معاهدا ڪيا ويا جنهن جي ڪري صنعتن کي مهانگي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي ان پيڪيج سان ملڪ ۾ صنعتن کي فروغ ملندو. روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شدت ۾ تيزي اچي رهي آهي، شهري عوامي جاين تي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائين، ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي مرحلي جي تناظر ۾ ڪاروبار ۽ صنعتون بند نه ڪنداسين. اها ڳالهه هن صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪئي.