فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ??ان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروباري برداري جي نمائندن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفن??ز ۽ ٻين سهولتن جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري برادري جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومتي جامع قدمن ??ان نه رڳو ماڻهن جي روزگار کي تحفظ ??لي?? پر انهن قدمن ??ان روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.