اسلام آباد – 19 ف??بروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چين جي نئين سال جي تقريبن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن چين جي حڪومت، سياسي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و. ??ن چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي جي خوشحالي لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ انهي جذبي تحت ٻنهي ملڪن سي پيڪ جهڙي اهم اقتصادي منصوبي کي وٺي اڳتي وڌي رهيا آهن ته جئين علائقائي سطح تي رابطاڪاري جي ذريعي امن، ترقي ۽ سلامتي جي خواب کي شرمنده تع??ير ڪري سگهجي.