اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وز??ر??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ معاونت ڪري.”توهان جو وز??ر??عظ?? توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وز??ر??عظ?? عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرا??ن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وز??ر??عظ?? عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت ??جڻ گهرجي، غلط اطلاع کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.