اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ فلم، ڊراما ۽ ڪو – پروڊڪشنز جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ متنوع ثقافتي ورثو موجود آهي جنهن جي ڪيوبا جي عوام سان مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيرو گونزيلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي جنهن اطلاعات واري و??اقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته جوائنٽ پروڊڪشنز جي شعبن ۾ تعاون سان اسان کي هڪ ٻئي جي قدرن ۽ معاشرتي اصولن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ميڊيا، اطلاعات ۽ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اطلاعات واري و??اقي وزير ڪيوبا جي سفير کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ Latin Press of Cuba جي وچ ۾ خبرن ??ي مٽاسٽا ??ي معاهدي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستا?? ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستا?? ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ م ميڊيا وفدن ??ي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ڪيوبا جي سفير ڪيوبا جي صحافين جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اطلاعات واري و??اقي وزير جي تجويز کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف گڏيل قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ جعلي خبرن ??ي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.