اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ??لڪيتون (قبضن جو خاتمو) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 ??حت آرڊيننس جاري ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس جو مقصد سرڪاري ??لڪيتن تي غيرقانوني قبضن جو خاتمو آهي، غيرقانوني قبضا ڇڏرائڻ جي لاءِ مجاز ??فيسر وٽ حڪمنامو جاري ڪرڻ جو اختيار هوندو، مقرر وقت ۾ ملڪيت خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آفيسر کي ڪارروائي ڪرڻ ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرڊيننس م??جب مقامي پوليس سرڪاري ??لڪيتون ڇڏرائڻ جي لاءِ انتظاميا کي ضروري ??دد فراهم ڪندي، قبضن جي خاتمي تي خرچ ٿيندڙ رقم پڻ غيرقانوني قابض کان وصول ڪئي ويندي، غيرقانوني قبضو ڪندڙ ماڻهن کي قيد ۽ ڏنڊ کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو. آرڊيننس م??جب قبضن جي خاتمي لاءِ صدر پاڪستان چيف جسٽس جي مشاورت سان اپيليٽ ٽربيونل جوڙيندو، سرڪاري ??لڪيتن تي قبضن جي خاتمي بابت معاملن جي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل ئي مجاز ??دارو هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2021ع پڻ جاري ڪيو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي (ترميمي) ايڪٽ 2021ع جي سيڪشن 14 ۾ ترميم ڪئي وئي.