اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن جي ه??ءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان شهرين ل??ءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. مل??قات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين ل??ءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ ل??ءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ ل??ءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. مل??قات ۾ پناهگيرن بابت ه??ءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان ل??ءِ فنڊ ۽ امداد ل??ءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ه??ءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.