فيصل آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ڊي ايم جو احتجاج ع??ام کي بيوقوف بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي ڇو ته ما??هو سمورين حالتن کان چڱي ريت آگاهه آهن ۽ انهن کي خبر آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ مهانگائي جي تازي لهر ڪورونا سبب پيدا ٿيل عالمي حالتن جو نتيجو آهي، جيئن ته پوري دنيا ان کان متاثر ٿي آهي ۽ پاڪستان به انهي دنيا جو حصو آهي ان لاءِ ان جا اثر پاڪستان تي به پيا آهن، باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان گهٽ کان گهٽ بار ع??ام تي وڌو آهي ۽ پنه??جي اوڳاڙين ۽ ٽيڪسز ۾ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو گهٽتائي ڪئي آهي. هو رسالا 12 فيصل آباد ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ، پارڪ جي رنگ روغن، ڊسپينسري جي تعمير ۽ بحالي، اسٽريٽ پول لائيٽس، رستن جي تعمير ۽ بحالي جي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته پي ڊي ايم سياسي بيروزگارن جو سرڪس آهي جنهن جي مدارين ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ شامل سياسي يتيمن جون ملڪ ۽ قوم جي ڦريل دولت سان ٺاهيل ملڪيتون ملڪ کان ٻاهر، انهن جا ٻار ٻاهرئين ملڪ ۽ انهن جو ڪاروبار به ملڪ کان ٻاهر آهي، اهي اتي وڏن وڏن محلن ۾ شاهاڻي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ گهر جي هڪ اڌ ما??هو کي انارڪي پکيڙڻ جي لاءِ هتي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي ما??هو مهانگائي جي آڙ ۾ جيڪو ٽوپي ڊرامو ڪري رهيا آهن ان سان ع??ام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن ڇو ته جيڪڏهن اهي ما??هو پنه??جي ٽي ٽي ڀيرا جي 30 سالا اقتدار جي دور ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائي ڇڏين ها ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود اسان کي ڪوڪنگ آئل، داليون، کنڊ ۽ ٻيون شيون ٻاهران امپورٽ نه ڪرڻيون پون ها پر انهن ع??ام جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ سڄو ڌيان پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ تي ڏنو. هن چيو ته انهن ما??هن کي پاڻ ع??ام انهن جي ڪارن ڪرتوتن جي ڪري رد ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ حڪومت کي ع??ام جي تڪليف ?? مهانگائي سبب پيدا ٿيل مشڪلاتن جو احساس آهي جنهن جي لاءِ قدم جاري آهن پر مهانگائي رڳو پاڪستان ۾ ناهي ٿي ڪورونا جي ڪري پوري دنيا ان جو شڪار ٿي آهي جڏهن ته چين جهڙن ملڪن ۾ مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن ۽ پوري دنيا ۾ توانائي جي قيمتن، ايل اين جي، ڪول، ڪنٽينر ٽرانسپورٽيشن جي خرچن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي ۽ 2 هزار ڊالر وارو ڪنٽينر 10 هزار ڊالر تي هليو ويو، اهو ئي نه پر ٽرانسپورٽيشن ٽائم ۾ پڻ ڪيترن ئي مهينن جو اضافو ٿيو جنهن ڪري سپلاءِ ۾ خلل پڻ ان جو هڪ سبب آهي. هن چيو ته دنيا ۾ پيٽرول 100 سيڪڙو مهانگو ٿيو پر اسان 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ۽ پنهنجون اوڳاڙيون گهٽ ڪري ع??ام کي وڌيڪ بار کان بچايو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري تان واپسي تي ع??ام جي لاءِ هڪ پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن ۾ محدود وسيلن واري طبقي کي فوڊ سپورٽ پروگرام تحت معاونت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ پڻ حڪومت جو اهم پروگرام آهي ۽ خيبرپختونخواهه سميت پنجاب جي ٻن ڊويزنن ساهيوال ۽ ڊي جي خان ۾ سئو سيڪڙو ما??هن کي اها سهولت ملي وئي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ لاهور ۽ فيصل آباد سميت صوبي جي سمورن ضلعن جي سمورن خاندانن کي 10 لک رپين تائين جي علاج جي سهولت ملي ويندي جيڪا دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي. هن چيو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو زراعت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اسان خوراڪ جي حوالي سان سرپلس ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته هن ڀيري ڪمند 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيو آهي ۽ ايندڙ مهيني ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ تي کنڊ جي قيمت گهٽ ٿي ويندي. فرخ حبيب چيو ته سيپٽمبر تائين لڳايل ڀاڄيون ايندڙ مهيني مارڪيٽ ۾ اچي وينديون جنهن سان ڀاڄين جا اگهه پڻ گهٽ ٿيندا، ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو، مڪئي ۾ 18، چانور ۾ 18 کان 20 سيڪڙو اضافي جا فائديمند نتيجا نڪرندا ۽ ملڪ فوڊ ۾ سرپلس ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي خاص دعوت ۽ ماحوليات تي عالمي ڪافنرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي ويو آهي جڏهن ته ان دوري سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.