اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين ناليواري اداڪار سهيل اصغر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم سهيل اصغر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌ?? دلي افسوس ٿيو. مرحوم سهيل اصغر مزاح، اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار طور پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين چيو ته سهيل اصغر جو لاڏاڻو شوبز انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقص??ن آهي، الله کان دعا آهي ته مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.