اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن ??ي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خ??اف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي ??و جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن ??ي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن ??ي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خ??اف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي ??و 254 سرڪاري افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خ??اف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خيبرپختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خ??برپختونخواهه 39 سرڪاري اهلڪارن جي خ??اف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري اهلڪارن جي خ??اف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خ??برپختونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري اهلڪارن جي خ??اف ڪارروائي ٿي.