اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد الجسر چ??و آهي ته ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستان جي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي ??وڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، افغانستان ۾ ??من امان ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، افغانستان کي ??نساني همدردي تحت امداد سان گڏوگڏ پائيدار ترقي ۽ مالي امداد جي فراهمي ضروري آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي ??طاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اڄ اسان افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين چيو ته عالمي برادري کي ماضي مان سبق سکندي افغانستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي ادارن ۽ علائقائي تنظيمن کي موجوده صورتحال ۾ افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو موجوده بحران مان نڪري سگهي، افغانستان جي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي جنهن جي مدد جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته بئنڪ 1975ع کان اسلامي دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ گذريل 46 سالن دوران هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد انهن کي ??قتصادي ۽ سماجي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ هيومنٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪ??و آهي، اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانستان ۾ مالياتي رابطي جي لاءِ پڻ ڪرد??ر ادا ڪندي، اسان سمورن ملڪن کان ان بابت تعاون جا گهرجائو آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال تي غور جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، نمائندن ۽ مبصرن کانسواءِ گڏيل قومن جي مختلف تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس پاڪستان جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به وڏي انساني بحران کان روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي ??نساني بنيادن تي افغانستان کي ??مداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. ان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي ??هو باور ڪرايو و??و آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي ??نم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي ??من ۽ سلامتي کي ??نگين خطرا ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد ڪوآرڊينيٽر مارٽن گريفٿس پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال جي ڪري ملڪي معيشت کي ??خت مشڪلاتون درپيش آهن، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهن کي ??ک جو خطرو آهي، ان صورتحال جي ڪري ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به بري طرح متاثر ٿيا آهن، 70 سيڪڙو استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته لکين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال جي ڪري سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي، انساني همدردي جي ادارن کي ??ڳتي وڌي ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ عالمي ترقياتي امداد بند ٿي وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. هن چيو ته او آءِ سي افغانستان ۾ انساني الميي کي ??وڪڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪرد??ر ادا ڪ??و آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ايندڙ سال افغانستان جي حوالي سان 4.5 ارب ڊالر امداد جي وڏي اپيل ڪندي، افغانستان ۾ صحت، تعليم، بجلي ۽ ٻين شعبن کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ امداد جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسان يڪجهتي ۽ فوري قدم نه کنيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، موجوده صورتحال جي ڪري افغانستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻارڻ جي قيمت وڌي وئي آهي.