اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??يرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي ڳالهين جي ??رورت جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??ل جي ??مايت جاري رکي. او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل افغان عوام کي درپيش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ا?? آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران ڀرپور ميزباني تي پاڪستان ۽ ان جي ??وام جا پڻ ٿورا مڃيا.