اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ??ن آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار ??هي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چي?? ته بلاول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آ??ن، هن چي?? ته بلاول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آ??ن، بلاول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول ??مجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول ??ئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ??هي، شاهه محمود قريشي چي?? ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چي?? ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چي?? ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چي?? ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آ??ن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.